سنڌي-سنڌي-انگريزي لغت

سنڌي-سنڌي-انگريزي لغت

سنڌي-سنڌي-انگريزي لغت

سنڌي-سنڌي-انگريزي لغت (ڪتاب): عبدالرشيد ميمڻ جي تيار ڪيل هيءَ لغت سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ پاران 2006ع جي آخر ڌاري ڇپجي پڌري ٿي. هن اهم رٿا تي ڪيترن سالن کان ڪم هلندڙ هو. اڳوڻي چيئرمئن ڊاڪٽر غلام علي الانا جي عرصي ۾ ڪم شروع ٿيو ۽ کانئس پوءِ عبدالقادر جوڻيجي واري دور ۾ لغت جو ڪم مڪمل ٿيو. هن ڊڪشنريءَ جي نظرثاني نامياري ليکڪ ۽ مترجم مرحوم مراد علي مرزا ڪئي. هيءَ هڪ جلدي لغت 1052 صفحن تي مشتمل آهي.
ڊبل ڪرائون/ جهازي سائيز ۾ ڇپيل هن لغت ۾ هزارين سنڌي لفظن جي سنڌي معنيٰ سان گڏ انهن جا انگريزي لفظ به ڏنل آهن. هن کان گهڻو اڳ پرمانند ميوارام جي سنڌي- انگريزي لغت کي به اهميت حاصل رهي آهي، پر اها هن وقت مارڪيٽ ۾ عام دستياب نه آهي. عبدالرشيد ميمڻ جي جوڙيل هن لغت جي قيمت 1250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو